راشدي نجي الله شاهه

راشدي، نجي الله شاهه: نامور عالم، شاعر علامه سيد نجي الله شاهه ولد سيد نور الحق شاهه راشدي 26 جون 1893ع تي ڳوٺ نور آباد تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. علامه نجي الله شاهه جو تعلق مشهور علمي، ادبي ۽ مذهبي راشدي خاندان سان هو . سندس پرورش ديني ماحول ۾ ٿي، پاڻ مختلف هنڌن تي مختلف عالمن کان تعليم حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ٽي سال پوري هندستان جو تعليمي دورو ڪري اتان جي ديني مدرسن، علمي مرڪزن ۽ درگاهن تي وڃي عالمن ۽ سجاده نشينن سان ملاقاتون ڪري ديني ۽ علمي ڄاڻ حاصل ڪيائين. سفر تان واپس اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ عاليشان مدرسو کوليائين، جنهن ۾ وڏا عالم درس ڏيندا هئا. هن کي ڪتابن گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪتبخاني ۾ ڪيترائي قديمي نسخا هئا، جن ۾ 737هه/ 1336ع جي لکيل مشڪواة شريف ۽ 1223هه/ 1808ع جو لکيل خزينت الروايت شرح و قايه نسخو به شامل آهن. خزينت الروايت شرح وَ قايه لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي دنيا جو واحد قلمي نسخو آهي، جنهن تي وڏن وڏن عالمن ۽ بزرگن جا حاشيا لکيل آهن. هن 60 سال مطالعي ۾ صرف ڪيا. ڪجهه ڪتاب به لکيائين. جيڪي سڀ قلمي آهن. هي سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين جو سٺو شاعر هو. هن فارسيءَ ۾ ’عديم النظير‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’فقيد المثل‘ نالي شاعريءَ جا مجموعا پويان ڇڏيا آهن، جن ۾ سندس شاعريءَ سان گڏ ٻين شاعرن جي شاعري به موجود آهي. هي تحريڪ خلافت جو اهم ڪارڪن هو. علامه سيد نجي الله شاهه راشدي پنهنجي سموري حياتي خدا پروريءَ، سنت رسول، غريب نوازي ۽ مهمان نوازيءَ ۾ گذاري. هن 31 جنوري 1984ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.06.26  عيسوي

نامور عالم، شاعر علامه سيد نجي الله شاهه ولد سيد نور الحق شاهه راشدي 26 جون 1893ع تي ڳوٺ نور آباد تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.


1984.01.31  عيسوي

علامه سيد نجي الله شاهه 31 جنوري 1984ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهنشاهه هالائي
آصف مٺياڻوي
راڄڙ ولي بخش
تاجدار عادل
محمد مقيم شاعر ٺٽوي
بشير احمد بشير
امر اقبال
ٻڍل لاشاري
ڀڳت ڪبير
اٽل مل بينام
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون